اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل ??مل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام س??ن ممڪن آهي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته فلسطين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران کنيل قدمن کي ڀا??ت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي نوعيت کي تبديل ڪرڻ جي مڪمل غيرقانوني ڪوشش سان نقل ڪيو آهي. ترجمان چي?? ته فلسطيني عوام وانگر ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي منتظر آهي، جيڪي انهن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪن ٿيُون. هن چي?? ته نئون آبادياتي ماضي سان ڳنڍيل بنياد فلسطين جي مسئلي وانگر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. ترجمان چي?? ته سڀاڻي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا 76 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀا??تي قابض فوج 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو ڪيو، اهڙي طرح ڪشميري عوام جي لاءِ هڪ تاريخي با?? جي شروعات ٿي. هن چي?? ته ڪشميري عوام پنهنجي زمين تي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڀا??ت پاران انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي سرزمين تي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم مهم کي قبول ڪيو ويندو. ترجمان چي?? ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.