گلگت – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ۾ دل جي مرض جي اسپتال ۾ او پي ڊي ج?? افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران وزيراعظم دل جي مرض جي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ تختي ج?? نقاب ڪشائي ڪري او پي ڊي ج?? افتتاح ڪيو. 50 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۾ ايمرجنسي، آئي سي او، سي سي يو، ٻارن جي وارڊ ۽ سرجري سميت دل جي مرض جي علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن. گلگت بلتستان ۾ دل جي مرض جي هي پهرين اسپتال آهي. نگران گهرو و??اقي وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گ??بر خان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم کي اسپتال ۾ علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ۽ ٻڌايو و??و ته جون 2024ع کان اسپتال مڪمل طور تي فعال ٿي ويندي.