اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي ج??هن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آر??يڪ?? 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مش??ري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏي??هن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر چيو ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي ج??هن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.