اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪ??مس??يڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ نوبل فيسٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ ??هي. نوبل فيسٽيول ۾ نوبل انعام يافته م??ڻه??، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ ??عا??ن وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ ??عا??ن کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام خوش آئنده ??هي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ??عا??ن وڌائڻ جي لاءِ ڪ??مس??يڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.