اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ترقياتي بجيٽ ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ايندڙ ما??ي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳ??ڻي??و 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳ??ڻي??و 2709 ارب رپيا هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته ترقياتي بجيٽ ذريعي معيشت جي استعداد ڪار ۾ واڌ، بهتر انفراسٽرڪچر جي فراهمي، افرادي ترقي، ريجنل ايڪويٽي ۽ انويسٽمينٽ ۾ واڌ جهڙا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ايندڙ ما??ي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳ??ڻي??و 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳ??ڻي??و 2709 ارب رپيا هوندو. هي رقم جي ڊي پي جو صرف 2.6 سيڪڙو آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومتي دؤر ۾ ترقياتي خرچن جو ڳ??ڻي??و جي ڊي پي جي تقريبن 5 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو هو. گذريل 4 سالن جي تباهي ۽ برباديءَ س??ب ترقياتي وسيلا اڌ رهجي ويا آهن. ٻي طرف ملڪ جي ترقياتي ضرورتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي. هي صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ترقياتي خرچ ملڪ جي اهم ترين ترجيحن تي خرچ ڪيا وڃن.