اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي ??ارحيت ج?? شڪار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ??ن چيو ته هي ڏينهن اسان ??ي ڪشميري ٻارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلاتن جو شڪار آهن. ترجمان ??يو ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي ??دمي جو پڻ شڪار آهن. ??ن چيو ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ??يترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. ??ن چيو ته گڏيل قومن ڀارت تي ??ور ڏنو آهي ته هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان ??يو ته اسان ??ارت تي ??ور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي ??مل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.