اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت ??رف??ن مڪمل سهڪار جي خاطري ??را??ي آهي. وزيراعظم آفيس ??رف??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار انجنيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئ??. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار انجنيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت ??رف??ن ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ??را??ي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.