اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جميعت علماءِ اسلام ۽ پا??ستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تفصيلي مشاورت ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران رياستي ادارن تي حملي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ مشاورت ڪئي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.