ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته مثبت قوم?? تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪس??ان ۽ اي پي پي جي و?? ۾ ??وثر رابطي ڪاري کي فروغ ڏئي انتظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪس??ان ۽ اي پي پي جي ريجنل سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ريڊيو پاڪس??ان جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ريڊيو جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل معياري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستا?? ۾ ??ائم سرڪاري ميڊيا جي ريجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل انتظامي سربراهن کي ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ ميڊيا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر بڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر ??ڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي بلوچس??ان جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالمنان، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر، ريڊيو پاڪس??ان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر انيس الرحمان ۽ اي پي پي جي بيورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهنجي ادارن بابت بريفنگ ڏني.