اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به ??ه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو ا??ها?? 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي ج?? شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ها?? ڪيو. شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صدر حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ ??لام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ شان مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون ??ه وساريندي. هن شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو.