اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ و??پا?? وارو مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افت??اح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افت??اح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افت??اح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افت??اح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ و??پا?? ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.