گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آ??ي ته ڀا??ت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ??شمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ڀا??ت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀا??ت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀا??ت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀا??ت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آ??ي ته آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان جو سدائين کان موقف رهيو آ??ي ته ڀا??ت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀا??ت کي 4 آگسٽ 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀا??ت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀا??ت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي ڪري پاڪستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين ڀا??ت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀا??تي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قان??نن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف ورزي ٿي آهي. هن چيو ته ڀا??تي خلاف ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇو ته ڀا??ت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف ورزي ڪري سگهي ٿو. ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀا??تي فيصلي بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀا??ت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ره??دو ڇو ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن فرق جي ڀا??تي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2026ع ۾ پاڪستان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آ??ي ته ڀا??ت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڀا??ت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آ??ي ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀا??تي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.