اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪست??ن جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪست??ن جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار ??الن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن پاڪست??ن جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪست??ن جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اس??ن جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار ??اءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪ??ري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر جي چار ??الا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پاڪست??ن جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.