استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ خاص طور تي پاڪستان جي سامونڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن، سياحت جي لاءِ سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف کي ترڪيه جي واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد موس سياحت جي شعبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شر??ف کي بريفنگ جي لاءِ سامونڊي سفر پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم شهباز شر??ف کي ترڪيه جي وزير پنهنجي حڪومت جي سياحت بابت پاليسي تي بريف ڪيو. پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ ترڪيه ۾ بزنس جي موقعن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪيه جي سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڪ??پن??ن جا سربراهه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سامنڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سياحت جي لاءِ سامونڊي ۽ ٻيڙيون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.