اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سيڙپڪا??ي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو. اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اها ڳالهه پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراست??ما?? ٿيل ڪاروباري ?? واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ?? واپاري سفارتڪاري جو نئون دور شرو?? ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.