شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولي??تي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولي??تي تباهين کي م??هن ڏيڻ لا??ِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺ??س بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولي??تي تباهين جي سونامي کي م??هن ڏيڻ لا??ِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولي??تي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري م??افقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي م??صدن ۾ ماحولي??تي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار ??ستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولي??تي تباهين کي م??هن ڏيڻ لا??ِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.