شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نالو نڪرڻ تي يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪلائمينٽ امپلي مينٽيشن سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين ڪمشنر ارسلاوون ڊيرلين ملاقات ڪئي. وزيراعظم يورپي يونين ملڪن جي پا??ست??ن ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ يورپي يونين گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي، اسرندڙ م??ڪن اڄ جن اثرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، سڀاڻي سموري دنيا کي ان جو خميازو ڀوڳڻو پوندو. وزيراعظم فيٽف جي گري لسٽ مان پا??ست??ن جو نالو نڪرڻ ۾ يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته يورپي يونين ۽ پا??ست??ن ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. يورپي يونين جي ڪمشنر ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.