اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ??ه صو??ي ۾ ڪوئلي ۽ گئس جا وسيع ذخيرا موجود آهن، هوا وسيلي 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، ٿر جي بلاڪ ٽو جي رهواسين جي لاءِ 2 نوان ڳو?? ٺاهي ??تي ا??هن کي جد??د سهولتون فراهم ڪيون آهن. ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ 330 ميگاواٽ جي هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڊسمبر ۾ ٿيندو ۽ ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ??ائين مجموعي طور تي 2640 ميگاواٽ بجلي ٿر مان شامل ٿي ويندي. صو??ي ۾ ڪوئلي ۽ گئس جا وسيع ذخيرا موجود آهن. ونڊ ڪوريڊور سان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي. شمسي توانائي جي پيداوار به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام وڏي صلاحيت آهي. ٿر جي بلاڪ ٽو جي رهواسين جي لاءِ 2 نوان ڳو?? ٺاهي ??تي ا??هن کي جد??د سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ في خاندان هڪ لک رپيا منافعو به ڏنو پيو وڃي.