اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گ??يل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گ??يل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گ??يل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏا??ون?? ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، ??رطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.