اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي موضوع تي پلينري سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي نمائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي نمائنده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي ج??ين تي غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 ??يڪ??و حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 ??يڪ??و اع??يٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 ??يڪ??و آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايستائين جو اع??يٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سيٽن تي عورتن جي نمائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 ??يڪ??و حصو عورتن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سيٽن تي عورتن جي نمائندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا س??ن شامل هوندو. پاڪستان ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي لاءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عورتن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي پارلياماني ڪاڪس پار??ن شاهده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عورتن جو حصو 70 ??يڪ??و آهي.