اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان فرانس سان ??طر??ي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ ت??زي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏ?? آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪ??دا?? جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ ت??زي ٻوڏ ان جو هڪ وڏ?? سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو کانسواءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ??طر??ي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي سفير ??طر??ن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪ??دا?? ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.