اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ايف آر سي س?? جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ايف آر سي سي موجب دوري دوران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي ل??ءِ مستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آباد?? جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي ل??ءِ خوراڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهم?? جي منصوبن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي ل??ءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان قومي آفت دوران سول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آرمڊ فورسز بشمول پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور سان گڏجي هٿياربند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي ساراهيو. بنيادي ڍانچ?? جي مرمت ۽ سارسنڀال جي ل??ءِ اين ايڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان آرم?? جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري سان ڪم کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آه?? جيڪي ان قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم ه??ءِ وي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي ل??ءِ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان هڪ ٺوس قومي ڪوشش ذريعي ئي ان قدرتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي ل??ءِ هڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چ??لينج تمام وڏو آهي پر هي متحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل دوران پاڪستان سان رابطو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت سان مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن تي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا.