چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي سياست جو نه ??کو??ل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو وقت آهي، جيستائين ??وڏ کان متاثر آخري گهر آباد نه ٿو ٿي وڃي سک سان نه ويهنداسين، دوست ملڪ ۽ عالمي ادارا ??وڏ متاثرين جي مدد لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن، سرندي وارا به اڳتي اچن ۽ متاثرين جي مدد ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپورٽس ڪمپليڪس چارسده ۾ ??وڏ متاثرين جي امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام، قومي وطن پارٽي جو سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ايمل ولي خان، اتحادي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ??وڏ صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪئمپ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ??وڏ متاثرين کان انهن جا مئسلا معلوم ڪيا. وزيراعظم چيو ته نوشهره، چارسده ۽ ٻين علائقن ۾ بوڏ واري پاڻي تمام گهڻي تباهي آندي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ??وڏ سان 242 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، ڪالام، دير، س??ات، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن سبب درياءَ جي ڪناري عمارتون ۽ هوٽلز درياءَ ۾ وهي ويا، بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، لکين گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، رستا ۽ پليون وهي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن ۾ ايتري وڌيڪ برسات ناهي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج سان گڏجي امداد ۽ بحالي جو ڪم ڪري رهيون آهن، س??ڌ ۾ شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، نئون ديرو ۽ ٻين علائقن ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، بلوچستان ۾ نصيرآباد، قلات، قلعه سيف الله، چمن ۽ ٻين علائقن جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ به ??وڏ تمام گهڻي تباهي آندي آهي، وفاقي حڪومت متاثرين جي فوري مدد جي لاءِ 28 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 25، 25 هزار رپيا ورهايا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۾ به ان جي شروعاتڪ ئي وئي آهي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپين جي ادائگي ڪئي پئي وڃي، اڄ به ڪجهه خاندانن ۾ اها رقم ورهائي وئي آهي. هن چيو ته نوشهره ۾ امدادي ڪئمپ ۾ خوراڪ ۽ علاج سميت سمورين س??ولتن جو انتظام ڪيو ويو آهي، چارسده ۾ به دوائن، خوراڪ ۽ ٻيون س??ولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، وفاقي حڪومت ۽ صوبا گڏجي هن آفت سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو مقابلو ڪندا، ??وڏ ۽ برساتن سان 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌ??ڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پاڪ فوج ٻه لک ماڻهن کي هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي محفوظ جڳهه تي پهچايو آهي، پلين ۽ رستن جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ??وڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ بهترين انتظامن تي سمورن صوبن ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ??وڏ ۽ برساتن سبب مجموعي طور تي هڪ هزار کان وڌ??ڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ايران، ترڪيءَ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن ??وڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي، امداد جو اعلان پڻ ڪيو آهي، ان س??سلي ۾ امدادي سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، برطانيا به ??وڏ متاثرين جي لاءِ روڪ امداد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته عالمي بئنڪ، خوراڪ جي عالمي اداري ۽ ٻين ادارن کان پڻ امداد جي لاءِ پيغام ملي رهيا آهن. هن چيو ته جلد ئي ڪوهستان، ڪالام، س??ات ۽ دير جو به دورو ڪندس، ??وڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ قدمن تي انتظاميا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هي وقت سياست جو نه ??کو??ل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو آهي، محنت سان اسان کي پنهنجو حق ادا ڪرڻو آهي، متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويندو، س??ورا اتحادي گڏجي متاثرين جي گهرن کي آباد ڪندا ۽ آخري گهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرندي وارن کي به مصيبت ۾ ورتل ??وڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خوراڪ، دوائن، خيمن ۽ ٻين س??ولتن جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي، اها انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي.