اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا م??اب??ا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان م??اب??ي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي منعقد ڪيو ويندو. گرينڊ م??اب??ي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، م??اب??ن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ش??ول??ت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ??نا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي م??اب??ي جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريع?? پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ قيوم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي مهينو ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ مختلف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا م??اب??ا شامل آهن.