اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪست??ن ۾ ڪيو??ا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاق??ت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستا?? ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيو??ا جي تعاون کي ساراهي ٿو.