اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي، افغان مسئلي جو حل افغانين ??ي ٻڌل ڳالهين ??ريعي ئي ممڪن آهي، افغان ان عمل کي ناڪام بڻائيندڙن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو، سموريون افغان ڌريون جنگبندي ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب طالبان پوليٽيڪل ڪمي??ن جي وفد ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان کي اڳتي و??ائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.