اسلام آباد – 14 نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي ??مام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پ??هنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، اهي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سوچ جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گ??مزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبان جو استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اهي ماڻهو اقتدار کي ??وام جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪن??ي ڪيو.