اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ض??وري شين جي دستيابي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي باري ?? تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو و??و ته اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته فلور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.