اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري نيشنل هيلپ لا??ين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لا??ين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لا??ين جي لا??ِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لا??ِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لا??ين نمبر جي قيام ??ي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لا??ين نمب?? ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لا??ين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لا??ِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لا??ِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.