اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪوم?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جي?? ۾ ??بديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزي??اع??م چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀار?? غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي?? ڀارتي وزي??اع??م نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزي??اع??م عمران خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعما?? ۾ ??ندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.