اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته آبادي ۾ اضافي کي ضابطي ۾ رکڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي محدود وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ فيملي مئنيجمينٽ بابت خدمتن جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌائڻو پوندو، ان سلسلي ۾ قومي بيانيي کي ميڊيا ذريعي اجاگر ??رڻ جي ضرورت آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي ٻئين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.