اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي سرپرستي ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، تعليم تائين پهچ آسان بنائڻ لاءِ وظيفن جي وڏي اهميت آهي، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪال??شپ پراجيڪٽ موجوده حڪومت جو وڏو قدم آهي، جنهن تحت 50 هزار ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي وظيفا فراهم ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي هر صورت ۾ يقيني ب??اي?? ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ 27 هين احساس انڊرگريجويئٽ اسڪال??شپ بابت وائيس چانسلر ڪميٽي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.