اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ بيلاروس بزنس فورم ۾ 8 واپا??ي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. پا??ستان ۽ بيلاروس وچ ۾ 5 سالن لاءِ نيوٽري فوڊ ايند فارماسيوٽيڪلز ڪمپني ۽ بيلاڪٽ طرفان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سال 2025ع لاءِ پا??ستان ۽ بيلاروس وچ ۾ شين جي فراهميءَ لاءِ شهزاد ٽريڊ لنڪس ۽ منسڪ موٽر پلانٽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. شهزاد ٽريڊ لنڪس ۽ بيلشينا وچ ۾ پا??ستاني مارڪيٽ ۾ ٽائرن جي فراهميءَ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون. وٽرنري دوائن جي فراهميءَ لاءِ مصطفيٰ برادرز ۽ ”بيل وٽو نيفارم“ وچ ۾ صحيحون ٿيون. نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن ۽ بيلٽا موز سروس وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. فارما انڊسٽريءَ ۾ تعاون تي بائيو ميڊيڪل سسٽم ۽ بيلميڊ پريپريٽري وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. شين جي فراهميءَ لاءِ راس انٽرنيشنل ٽريڊنگ ۽ بيلٽس ويٽميٽ وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا ۽ پا??ستان طرفان گرين ڪارپوريشن انيشيئٽو ۽ بيلاروس جي منسڪ ٽريڪٽر ورڪس ڪمپنين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پا??ستان ۾ بيلاروس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطيءَ جي علامت سمجهيا وڃن ۽ هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي گهرج تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 2025ع کان 2027ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون لاءِ عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پا??ستان ۽ بيلاروس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پا??ستان بيلاروس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل رٿائن ۾ سيڙپڪاريءَ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ توانائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا کُليل آهن. هن چيو ته پا??ستان ۽ بيلاروس جي ٻه طرفي واپار ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. پا??ستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شيون ۽ ڪاغذ جي شين جو روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پا??ستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڇاڪاڻ ته پا??ستان دنيا جي ڇهين وڏي واپا??ي مارڪيٽ آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروبا??ي ماڻهن کي نوان موقعا ملندا. ٻنهي ملڪن جا ڪاروبا??ي ماڻهو به هڪٻئي جي ويجهو ايندا ۽ معيشت کي سهارو ملندو.