اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي قدمن سان ايوان صدر ۾ توانائي جي 50 سيڪڙو بچت ڪئي وئي، سرسبز ايوان صدر جي لاءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي وئي، ايوان صدر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زيڊنسي آهي جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آهي. ايوان صدر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ماحول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي حوالي سان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ايوان صدر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگاواٽ ب??لي پيدا ڪرڻ جو شمسي توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آهي. ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زيڊنسي آهي جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اين ??يم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. جيڪو مڪمل طور تي گرين ??نرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايوان صدر ۾ گرين پر??زيڊنسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زيڊنسي آهي جيڪا مڪمل طور تي گرين ??نرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اين ??يم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. صدر ايوان صدر جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪندي لکيو ته گرين پر??زيڊنسي جا قدم ڊاڪيومينٽري ۾ ڏ??ي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن سان سال 21 – 2019ع ۾ ايوان صدر ۾ توانائي جي 35 سيڪڙو بچت ٿي آهي ۽ 2022ع تائين ??وانائي جي 50 سيڪڙو بچت جو ڪاٿو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پر??زيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان فائدو ۽ بجلي جي بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آهي، جنهن جي ماليت 72.5 ملين ??پيا آهي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پر??زيڊنسي قدمن، توانائي جي بچت ۽ شفاف توانائي جي پيداوار سان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ توانائي جي بچت ۽ وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پر??زيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان هڪ ميگاواٽ ب??لي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شمسي توانائي سان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين ??جلي جي پيداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي سان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين ??ي بچت پڻ ٿيندي.