اسلام ??باد-27 نومبر (اي ??ي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب – خيبرپختونخوا سرحد تي واقع لاکاڻي چيڪ ??وس?? تي دهشتگردن جو حملو ناڪام ??ڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. گذريل ڏينهن پنهنجي بي??ن ۾ گهرو وزير محسن نقوي حملو ناڪام ??ڻائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ??ڻايو آهي. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. محسن نقوي چيو ته پنجاب پوليس هميشه جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي آهي.