راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ سل??متي جي دشمنن کي نه ڇڏيندي، پاڪ فوج دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير 19 نومبر جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي فالو اپ ۾ پشاور جو دورو ڪيو جتي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف کي ??طي ۾ جاري دهشتگردي آپريشنز جي اڳڀرائي تي جامع بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير به موجود هو. آرمي چيف شهيدن ۽ غازين کي ??راج عقيدت پيش ڪيو ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوجين جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پ??تي عزم کي ??اراهيو. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اهي قربانيون قومي عزم جو بني??د آهن، اهي قربانيون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پ??تي جذبي ۽ لگن کي همٿائن ٿيون. هن دشمن دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ??تم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ قومي سل??متي کي نقصان پهچائيندڙ غير قانوني ڌرين کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايو.