اسلام آباد- 19 ن??مب?? (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پا??ست??ن 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪندو. هن چيو ته پا??ست??ن تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو آهي ته جيئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پا??ست??ن جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ??ين??ن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته جرمني پا??ست??ن جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي ح?? ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ته جرمني نجي شعبي پا??ست??ن جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعا?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.