اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ سرد رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پنجاب ??ي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اُتر سنڌ ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ سموگ ۽ ڪوهي??و ڇانئجڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، ??ڏهن ته جابلو علائقن ۾ سرد رهي. پنجاب ??ي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اُتر سنڌ ۾ ڌُنڌ رهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ سردي ليه ۾ ڪاٽو 7، گوپس ۾ ڪاٽو 4، اسڪردو، استور ڪاٽو 2، هنزه ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.