بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪند??ن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يونين جي مائيگريشن ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگريشن جي روڪٿام ل??ءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ ل??ءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ل??ءِ يورپي يونين ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن ل??ءِ بهتر مستقبل ڇ??ي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ل??ءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خص??صي تربيت ل??ءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ ل??ءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.