گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيرا??لي?? سيڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي هتي پهتو، وزيرا??لي?? سيڪريٽريٽ اچڻ تي وزيراعظم کي روايتي لباس پهريل ٻارن گل پيش ڪيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اچڻ تي چيف منسٽر س??ڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چيف منسٽر س??ڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم گلگت بلتستان اسڪائوٽس جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال ج?? حفاظت جي لاءِ گلگت بلتستان اسڪائوٽس جي نوجوانن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن.