اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پا??ست??ن جي لاءِ چين جو شاندار تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن منصوبي کي اڳتي کڻي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن زراعت، صنعتڪاري، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ ??گهه ڏئي سگهجي، پا??ست??ن ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻي مسئلن جي حل ۾ چين جي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ون چائنا پاليسي جي لاءِ پا??ست??ن جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ال??ي ڪانفرنس ”چانئا اينٽ 75: اي جرني آف پروگريس، ٽرانسفارميشن اينڊ گلوبل ليڊرشپ“ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چين پا??ست??ن تعاون جي علامت هجڻ جي ناطي سي پيڪ ??وام کي لوڊشيڊنگ جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ ملڪ جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي ٽيڪنالاجي جي تربيت جي لاءِ هڪ هزار شاگردن کي چين موڪلڻ جي چيني آڇ کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻي مسئلن جي حل م چين جي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ون چائنا پاليسي جي لاءِ پا??ست??ن جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. نائب ??زيراعظم چيو ته آزمايل دوست هجڻ جي ناطي چين ۽ پا??ست??ن هڪ ٻئي جو قدرتي آفتن، معاشي رڪاوٽن ۽ جاگرافيائي سياسي تبديلين ۾ پڻ ساٿ ڏنو آهي. نائب ??زيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چين جي ترقي جي سفر کي ساراهيندي چيو ته گذريل 75 سالن ۾ چين اهم سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هو هڪ بهتر دنيا جي لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، چيني قيادت ۽ عوام جي عزم ۽ محنت جو حوالو ڏيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته وقت اچڻ تي چين سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويندو. هن چيو ته چين خلائي تحقيق کان وٺي مصنوعي ذهانت، ميڊيڪل سائنس، گرين ڊيولپمينٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين 17 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ??ي جي ڊي پي سان وڏي ??ال??ي معيشت بڻجڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي تبديلين جا هدف حاصل ڪيا آهن. هن گهڻ رخي سفارتڪاري جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ ??ال??ي سياسي ۽ اقتصادي منظرنامي تي امن ۽ استحڪام جي لاءِ چين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نائب ??زيراعظم چيو ته پا??ست??ن ڪاميابي سان ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن جي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سميت شريڪ ??ڳواڻن تعريف ڪئي. نائب ??زيراعظم اسحاق ڊار ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪي قيادت کي معاسي جي لاءِ قائل ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جيڪي لاڀائتيُون ثابت نه ٿي سگهيون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر کي خط لکيو جنهن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي لاءِ معاشي جي درخواست ڪئي وئي ڇو ته آمريڪي صدر عام طور تي عهدو ڇڏڻ کان اڳ ڪجهه معافيون ڏيندا آهن. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات جي لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معافي، آزادي ۽ ان کي پاڪسدتان واپس موڪلڻ جي حق ۾ لابنگ ڪندي. غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پا??ست??ن انهن ملڪن مان هڪ آهي جن فلسطيني عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ آءِ سي جي جي فيصلن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته 48 هزار بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 80 هزار زخمي ٿيا آهن جن مان اڪثريت عورتن ۽ ٻ??رن جي آهي. نائب ??زيراعظم لبنان ۽ ايران ۾ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پا??ست??ن امدادي سامان جون 10 وڏيون کيپُون غزه موڪليون آهن ۽ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ فلسطيني شاگردن کي پا??ست??ن جي سرڪاري ۽ نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي ميزباني شروع ڪري ڇڏي آهي.