اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته غر??ت هڪ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي، غر??ت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ض??ورت آهي، غر??ت جي خاتمي لاءِ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ اسپيڪر غر??ت جي خاتمي جي عالمي ڏ??نهن تي پيغام ۾ چيو ته غر??ت هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور اُسرندڙ ملڪن ۾ عوام جو هڪ ??ڏو انگ غر??ت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاي رهيو آهي. اسپيڪر چيو ته سماجي ۽ اد??ره جاتي ناانصافي ۽ غير منصفاڻا رَويا غر??ت جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن، جن جي ازالي جي ض??ورت آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي ذريعي ملڪ مان غر??ت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، موجوده حڪومت ملڪ مان غر??ت جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل طبقن کي بااختيار بنائڻ لاءِ مختلف فلاحي ۽ سماجي منصوبا جاري ڪيا ويا آهن، موجوده حڪومت طرفان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جاري ڪرڻ نوجوانن کي مالي طور تي پاڻڀرو بنائڻ جي بهترين ڪوشش آهي. اسپيڪر چيو ته معياري تعليم ۽ بهتر طبي سهولتن کي هٿي ڏ??ڻ، هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل لاءِ غر??ت جو خاتمو ضروري آهي.