اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبنان جي خلاف جارحيت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خط??ناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خط??ي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي تازه ??رين فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ??و جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ??و ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي بر??دري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي خط??ناڪ مهم جوئي ۽ جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري ??دم کڻي.