نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطي?? جو مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي ??لي?? کي موهي ورتو، اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ ترڪ صدر انتهائي پرجوش خطاب ڪيو. ترڪ صدر سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترڪ صدر فلسطي?? جو مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان سان سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي ??لي?? کي موهي ورتو آهي. وزيراعظم ترڪ صدر کي سندس خطاب تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ صدر سان ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ترڪ صدر جلد ئي پاڪستا?? جو دورو ڪندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان اهي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي تعاون کان??وا??ِ اهو ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حت??ي مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ??ه آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرط?? جو تعلق چين سان هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستا?? جو هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسا?? جو رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان جي عوام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.