اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان ??ڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پائيدار ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صد?? پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ??سي ٿو. هن چين جي صد?? شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صد?? حڪومت پاران ??نيل قدمن جو ذڪر ڪندي فو??م کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ??الهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ مو??ر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پائيدار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صد?? چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پائيدار سارسنڀال ۽ مو??مياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت مو??مي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صد?? آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آهي.