اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي سينيٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻنهي ميمبرن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ??يو??ن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ??يو??ن جي ڪارر??ائ?? ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران سينيٽ چيئرمين سان حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي سينيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ??يو??ن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر ??بلي فراز ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن پڻ ??يو??ن ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ئي روايت آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان رهون ۽ ان کان اڳ انهي ميمبرن پاران هڪٻئي جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارر??ائ?? مان حذف ڪيو وڃي. ان کان اڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ??مينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ميمبرن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر ??بلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ميمبر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ??يو??ن جو ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.