اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل جيمز اينڊ اسٽونز بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، ان شعبي جي ري اسٽرڪچرنگ اهم معاملو آهي، جنهن جي ڏکيائين کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو، جيمز اينڊ اسٽونز ل??ءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ نجي شعبي جي مشاورت سان قيمتي پٿرن سان لاڳاپيل مسئلن جي ترجيحي فهرست کي حتمي صورت ڏني وئي آهي. اج??اس ۾ جيمز اينڊ اسٽونز ۾ بهتري آڻڻ ل??ءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن جو تقابلي جائزو به ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان لاڳاپيل سمورن ادارن کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻو پوندو، قيمتي پٿرن ل??ءِ لاجسٽڪ، ڪوريئر سروسز ۽ پا??ستاني سفارتخانن جون مارڪيٽنگ تي به تجويزون غور هيٺ آهن. عبدالعليم خان چيو ته اصل مقصد تي ڌيان ڏئي جيمز اينڊ اسٽونز مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻو پوندو. وزيراعظم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان شعبي ۾ عملي ۽ واضح اڳڀرائي چاهي ٿو. جيمز اينڊ اسٽونز ل??ءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان شعبي جي بهتري ل??ءِ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏئي پاليسيون جوڙڻيون آهن. جيمز اينڊ اسٽونز هڪ هنڌ هئڻ ۽ باقاعده اسٽرڪچر ٺاهڻ تمام ضروري آهي. پيٽروليم انڊسٽري ۽ ڪامرس جي وزارتن جي آفيسرن کي آن بورڊ ورتو ويندو. چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا آن بورڊ ٿي جيمز اينڊ اسٽونز ل??ءِ گڏيل پاليسي جوڙين. وفاقي وزر حڪومتي پاليسي ٺاهڻ ل??ءِ سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. عبدالعليم خان چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، نجي شعبو به ايندڙ ڏينهن ۾ سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي.