اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪيمرون جي شهر ي??ئو??ڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئو??سل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪ??ئو??سل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق ب??بت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي ت??ديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو.