ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي مڪمل خ??تم?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خ??تم?? بابت اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خ??تم?? بابت اهم جائزه اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي قيادت ۾ چئني صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان حڪومت ?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خ??تم?? جي لاءِ عزم ظاهر ڪيو ۽ سمورين وفاقي ڌرين پوليو جي خ??تم?? لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان پوليو جي مڪمل خ??تم?? جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام خاص طور تي پوليو جي خ??تم?? لاءِ غيرمعمولي مدد ۽ تعاون تي بل گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خ??تم?? جي حوالي سان حڪومت جي ٻين حصيدارن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته پوليو جي خ??تم?? جي لاءِ هول آف د?? گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته 2025ع تائين ان موذي وائرس جو مڪمل خ??تم?? ڪريون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خ??تم?? جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ڏنيون وڃن. هن تاڪيد ڪئي ته اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جي حوالي سان چئلينجز درپيش آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي لگن، پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پوليو جي خ??تم?? لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۾ پوليو جي خ??تم?? جي ويڪسين جا ڦڙا پيئندڙ ٻارن جي شرح ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان حڪومت پاران 40 لک ٻارن کي ان – ايڪٽويٽيڊ پوليو وائرس ويڪسين (آءِ پي وي) ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اجلاس کي پوليو جي خ??تم?? جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ضلعي قلعه عبدالله ۽ ضلعي چڪوال مان هڪ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ڊويزنز پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جا وڏا مرڪز آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليو جي خ??تم?? جي حوالي سان نگراني جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي، پوليو وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌائڻ جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، سنڌ ج?? گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پوليو جي خ??تم?? واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت واري سيڪريٽري نديم محبوب ۽ پوليو جي خ??تم?? بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق، چئني صوبن، گلگت بلتستان ?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس، پوليو جي خ??تم?? جي عالمي حصيدارن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.