اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظه??ر ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سف??رت?? اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پرڏيهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظه??ر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظه??ر ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون?? سف??رت?? اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم سان ان معاملي تي پرڏيهي وزيرن يج سطح تي ??هر??يل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ??هر??ئڻ جي مڪمل ح??ايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.